ٽنڊو بهاول

ٽنڊو بهاول: ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو، جنهن جي آبادي اٽڪل 5000 آهي. هي ڳوٺ يونين ڪائونسل ٽنڊي حيدر جي حدن ۾ اچي ٿو. هن کي کٿڙ ۽ هُوسڙي ٻيلا ويجها آهن، جڏهن ته هي ڳوٺ هُوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ آهي ۽ ان کي ويجهي پوليس چوڪي وِڍ آهي. هتي مسجد اسڪول، اسپتال، واٽر سپلاءِ نظام ۽ بجلي پڻ موجود آهي. هن ڳوٺ جو رئيس حاجي فتح خان ڀرڳڙي هڪ اثر رسوخ وارو زميندار هو، سندس پڙ ڏاڏي فضل محمد ڀرڳڙيءَ جي ڀاءُ بهاول خان هي ڳوٺ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ ٻڌايو هو، جنهن کي ڪو به اولاد نه هو. ڀرڳڙي، سريوال لغارين جي هڪ پاڙي جو نالو آهي. جڏهن ته بهاول خان کي برطانوي حڪومت پاران مئجسٽريٽ جا اختيار مليل هئا. سندس پٽ محمد حسن به اثر وارو زميندار هو. هن جو پٽ بهاول خان به نيڪ انسان هو. راڄنيتي جو ڄاڻو، وضع دار ۽ نيڪ ماڻهو هو. هو نوجوانيءَ کان وٺي سماج سڌارڪ رهيو. سال 1924ع ۾ سندس سماجي خدمتن ۽ راڄوڻي حيثيت جي ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ کيس ڪُرسي ڏني وئي. سال 1931ع جي آدمشماريءَ واري ڪم ۾ حصو وٺڻ جي ڪري مڃتا جي سَند ڏني وئي. انهيءَ ڳوٺ جي رئيسن جو خاندان نيٽائي جي ختم ٿيو، ڪجهه سال اڳ هن ڳوٺ سان هڪ المناڪ ۽ خونريز واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 10 غريب ڳوٺاڻا، بيدرديءَ سان هڪ فوجي آفيسر جي لالچ ۽ سازش سبب گولين جو کاڄ بڻيا هئا.


لفظ ٽنڊو بهاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو